حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي خالي پيل سيٽن تي 3 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن جڏهن ته ٽائون جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ ٻن اميدوارن جي خالي پيل سيٽن تي به اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پاران ننڍي چونڊ دوران 5 اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ چئن اميدوارن جو تعلق پ پ سان آهي جڏهن ته هڪ اميدوار پي ٽي آءِ جو به ڪامياب ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يونين ڪميٽي 77 تان پ پ جي چيئرمين نور احمد ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته يونين ڪميٽي 127 تان پ پ جو چيئرمين آصف محمود ڪامياب ٿيو آهي. ساڳئي يونين ڪميٽي تان ڪاميابي ماڻيندڙ وائيس چيئرمين مهر علي جو تعلق به پ سان ٻڌايو پيو وڃي. نوٽيفڪيشن موجب يونين ڪميٽي 133 تي تحريڪ انصاف جي سميع الدين وائيس چيئرمين تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران يونين ڪميٽي 100 تان پ پ جي وائيس چيئرمين طور اميدوار تاج ولي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جيڪو ٽي ايم سي شاهه لطيف آباد جو چيئرمين آهي جنهن پهرين لاڳاپيل يونين ڪميٽي واري سيٽ تان چيئرمين واري عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ۽ قانون موجب کيس ٻيهر يونين ڪميٽي مان وائيس چيئرمين طور ڪامياب ٿيڻو هو. ساڳئي ريت يونين ڪميٽي 127 تان مهر علي پوڙهو ڊيشڪ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ڪامياب ٿيو آهي جيڪو پڻ ٽي ايم سي حسين آباد جو وائيس چيئرمين آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ٽي ايم سي شاهه لطيف آباد تي تاج ولي ۽ ٽي ايم حسين آباد تي مهر علي عرف پوڙهو ڊيشڪ هاڻي چئن سالن لاءِ مستقل طور وائيس چيئرمين بڻجي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته يونين ڪميٽي 76 تي چيئرمين وارو عهدو ماڻڻ لاءِ پ پ اميدوار وڏير محمد ٿيٻو ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار محمد سليم ۾ مقابلو ٿيندو.