حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي مين روڊ تي قائم ڏهراج پلازه جي ٻئين فلور تان 28 سال جي ريشم چانڊيو ۽ سندس 15 مهينن جي ڌيءُ عمار جو گوليون لڳل لاش مليو. وارثن جي اطلاع تي پوليس پهچي ماءُ ۽ ڌيءُ جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان بعد ۾ ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ايس ايڇ او قاسم آباد اعظم گوپانگ جو چوڻ آهي ته پرائمري استاد افتخار چانڊيو 15 تي اطلاع ڏنو ته سندس ڌيءُ ۽ ڏوهٽي ڪمري ۾ اندر هئا پر دروازو بند پيل آهي ان ڪري کيس شڪ آهي ته ٻنهي ڄڻن سان ڪو واقعو نه پيش آيو هجي. اهڙي اطلاع تي هو نفري سان گڏ ڄاڻايل پلازه تي پهتو جتي فليٽ جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا ته مسمات ريشم ۽ سندس ڌيءُ مائرا جا لاش پيل هئا جنهن بعد انهن ڪرائيم سين جون شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيم کي به اطلاع ڏئي گهرائي ورتو. ايس ايڇ او موجب ته مسمات ريشم جي هٿ ۾ ٽي ٽي پستول به هو ۽ ڪمري مان کين 2 گولين جا خالي کول به مليا آهن. قاسم آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان کين شڪ آهي ته ريشم زال عبدالفتاح چانڊيو پهرين پنهنجي ابهم ڌيءُ مائرا کي ڪن پٽي تي پستول جو فائر ڪري قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي لونڌڙي تي پسٽل رکي گولي هلائي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا اهو حتمي نٿو چئي سگهجي ته واقعو خودڪشي آهي ڇاڪاڻ ته اڄ کين پوسٽ مارٽم جي رپورٽ فراهم ٿيندي جنهن مان ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ جي موت جا ڪارڻ واضح ٿيندا. پوليس موجب مسمات ريشم جي والد به شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سندس نياڻي ضدي هئي ۽ هڪ ڏينهن اڳ هو ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير پنهنجي مڙس عبدالفتاح چانڊيو کان ناراض ٿي وٽس رهڻ لاءِ پهتي هئي. علائقي ۾ ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هو.