حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي اسلام آباد واري علائقي ۾ قائم ڪنڀار پاڙي ۾ موبائيل فون نه وٺي ڏيڻ تان هڪ نينگر ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته 15 سالن جي کيمچند ولد ريوو ڀيل پنهنجي پيءُ کي ٽچ موبائيل وٺي ڏيڻ تي ضد ڪيو. پيءُ پاران پئسا نه هجڻ تي هن کيس ٽچ موبائيل وٺي نه ڏنو جنهن تي نينگر ناراض ٿي گهر جي ڪمري ۾ پکي سان لٽڪي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي ڦليلي پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جو پيءُ ۽ نينگر پاڻ مزدوري ڪندا هئا. اهي اصل ڊگهڙي جي علائقي ڳوٺ فيض محمد چوڌري جا رهواسي آهن. پوليس مطابق نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.