حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن منشيات ۽ ٻين ڪيسن مان چئن جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪري ڇڏيون، سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 10 جي عدالت جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار جاويد جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن ٽنڊو يوسف پوليس جوابدار کي جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت موتمار ڌمڪيون ۽ حراسان ڪرڻ واري ڪيس مان جوابدار عرفان چشتي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدار خلاف ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدار پنهنجي وڪيل عرفان قريشي معرفت ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت منظور ڪندي 10 ڏينهن بعد ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.