حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اشفاق مغل جي عدالت جوابدار مير احمد، گل احمد، فيصل، سعيد ۽ مير حمزه کي قيد سان گڏ 8-8 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ هڪ سال قيد ڀوڳيندا. ٻڌايو پيو وڃي ته 2021ع دوران اي اين ايف پوليس قومي شاهراهه هٽڙي باءِ پاس تي ڪارروائي ڪري ڪار ۾ سوار مير احمد ۽ گل احمد کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 30 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. اي اين ايف پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي انهن ٻي ڪارروائي ايوب هوٽل وٽ ڪري سندن ساٿين فيصل، سعيد ۽ مير حمزه کي ٽرڪ سميت گرفتار ڪيو. اي اين ايف موجب ٽرڪ جي تلاشي دوران کين ڳجهن خانن مان 6 مڻ 18 ڪلو چرس ۽ 10 ڪلو آفيم هٿ آئي هئي. پنجن ئي جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين عدالتي حڪم تحت جيل اماڻي ڇڏيو هو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج اشفاق مغل ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 5 ئي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. سزا ٻڌايلن ۾ 2 سڳا ڀائر شامل آهن جن قومي شاهراهه ذريعي بلوچستان کان حيدرآباد ۽ ڪراچي 7 مڻ چرس ۽ 10 ڪلو آفيم منتقل پئي ڪئي.