حيدرآباد (بيورو رپورٽ) راھوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موليڏنو ميربحر ۾ ملاح ڌر جي ھڪ ئي خاندان وچ ۾ پلاٽ جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عزيز الله پٽ درياهه خان مارجي ويو جڏهن ته سندس ڀائر تاج محمد، مشتاق ۽ سندس ڀائٽيا شعيب پٽ ستار ۽ عادل پٽ مشتاق سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا. اطلاع تي راھوڪي ٿاڻي جي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ مقتول جو مڙهه پوسٽ مارٽم ۽ زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعو ملڪيت تان پيش آيو آھي جنھن دوران جھيڙي ۾ ڀائيٽن پنهنجي هڪ چاچي کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل سندن 2 سئوٽ به ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿيا. پوليس موجب مقتول ڌر جي ٻين ماڻهن کين ٻڌايو آهي ته ٽن ڀائٽن پنهنجي ٻين مائٽن سان گڏجي چاچن تي حملو ڪيو ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻين کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس جھيڙي بعد ڳوٺ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄو ڏينهن پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو هو جڏهن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي تدفين لاءِ ڳوٺ کڻائي ويا. ايس ايڇ او راهوڪي سڪندر مصطفيٰ ڪنڀر ٻڌايو ته جهيڙو ڪندڙ ڌر مان کين ڪجهه ماڻهن جا نالا مليا آهن پر اڃا واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن ان ڪري في الحال سندن نالا به راز ۾ رکيل آهن. هن چيو ته اڄ مقتول ڌر جا ماڻهو واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايندا جڏهن ته پوليس حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.