حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو ) حيدرآباد ۾ ملازم نينگر جو مبينا قتل، گهر مالڪ فرار ٿي ويو، جاچ شروع ٿي وئي
شيدي ڳوٺ واري علائقي ۾ گهرو ملازم نينگر جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي
ميهڙ واسي 12ورهين جي نينگر رشيد کوسي جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميهڙ مان ٻيهر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو
نسيم نگر پوليس موجب هڪ ڏينهن اڳ نينگر جو لاش شيديڳوٺ ۾ زميندار برڪت ڀرٽ جيبنگلي مان مليو هو، گهر مالڪ زميندار برڪت ڀرٽ موجب، نينگر ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي
پوليس موجب زميندار جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو گهرڀاتين سان گڏ فرار ٿي ويو آهي، سندس موبائل فون به بند آهي، جلد زميندار کي گرفتار ڪيو ويندو، جاچ شروع ڪئي وئي آهي