حيدرآباد ۾ ملازمت ڪندڙ ڇاڇري واسي نينگر جو ڦليلي واهه مان لاش هٿ، قتل جو شڪ

0
24
حيدرآباد ۾ ملازمت ڪندڙ ڇاڇري واسي نينگر جو ڦليلي واهه مان لاش هٿ، قتل جو شڪ
حيدرآباد ۾ ملازمت ڪندڙ ڇاڇري واسي نينگر جو ڦليلي واهه مان لاش هٿ، قتل جو شڪ

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ڳوٺ وائوڙي دورا جو رهواسي 15 سالن جو نينگر محمد موسيٰ پٽ لالو نهڙي پرسرار نموني سان مبينا طور قتل، وارثن موجب حيدرآباد جي ميمڻ ڪالوني جي گهر ۾ ملازمت ڪندو هو، اچانڪ جنهن گهر ۾ ملازمت ڪندو اتان نڪري ويو هو، معصوم نينگر جو ڦليلي واهه ۾ لاش هٿ آيو، فوتي نينگر جا ماءُ پيءُ انتهائي غريب آهن، حيدرآباد ۾ مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو، نينگر جي اچانڪ موت جو اطلاع ملڻ تي حيدرآباد وڏي انگ ۾ ٿر واسي پورهيت پهچي ويا، مبينا طور قتل ٿيل نينگر جي موت جو اصل ڪرڻ سامهون اچي نه سگهيو، حيدرآباد ۾ ٿر واسي پورهيتن ۽ وارثن ايس ايس پي حيدرآباد ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مبينا طور قتل ٿيل معصوم پورهيت ٿر واسي نينگر کي قتل ڪري غريب مسڪين والدين سان ظلم ڪيو ويو آهي،پوري معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوبدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.