حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر جي رهواسين پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل غلام اڪبر ڀٽي جي خون سان انصاف لاءِ سندس ڀاءُ عبدالقادر ڀٽي ۽ مسمات عائشه جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو. هنن الزام هڻندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ قاسم آباد، نسيم نگر ۽ لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس رات جي پوئين ٽائيم سندن گهر ۾ داخل ٿي غلام اڪبر ڀٽي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته غلام اڪبر ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث نه هو. هو ڊرائيونگ ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو هو جڏھن ته ڪجهه ڪيس سندس مٿان هئا پر اهي پراڻا ۽ خارج ٿيل هئا پوليس گرفتار ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري اسان غريبن سان وڏي ناانصافي ڪئي آھي. هنن الزام هنيو ته پوليس گهر تي چڙھائي دوران گهر جو سامان پڻ کڻي وئي جيڪو سامان واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.