حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ معمولي ڳالهه تان هڪ دوست پنهنجي ٻئي دوست کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته سائيٽ جي علائقي ۾ بهڻ موري ڀرسان چانڊيا پٽڙي وٽ هڪ نوجوان جبار مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي دوست شاهد سنگراسي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي سائيٽ پوليس پهچي شاهد سنگراسي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ مقتول نوجوان جو لاش سندس ڀيڻ کڻائي وئي. پوليس واقعي جي جاچ بعد بهڻ موري ڀرسان شاهه لطيف ڪالوني مان مقتول جي دوست جبار پٺاڻ کي گرفتار ڪري هن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول شاهد سنگراسي ۽ سندس قاتل جبار پٺاڻ پاڻ ۾ ويجها دوست رهيا آهن ۽ نشو ڪرڻ سان گڏ مختلف هنڌن تي وارداتون به ڪندا رهيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جا وارث ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان ٽال مٽول ڪري رهيا هئا جنهن تي پوليس جي  سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.