حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ مذهبي تنظيم ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين سبب حيدر چوڪ وارو علائقو گهڙي کن جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪرڻ سان گڏ مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي. هڪ درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. مذهبي تنظيم پاران رواداري ڪميٽي جي رواداري مارچ دوران ساڳئي وقت ساڳئي هنڌ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو. ان احتجاج کي روڪڻ لاءِ پوليس مذهبي جماعت جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين احتجاج نه ڪرڻ تي قائل به ڪيو هو پر اوچتو رات جو ان مذهبي تنظيم پاران احتجاج جو اعلان ڪيو ويو جنهن کي نظر ۾ رکندي پوليس اٽالا طلب ڪري پريس ڪلب ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي سيل ڪري اتي پوليس نفري بيهاري وئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو، ڊي سي حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار پاڻ صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ موجود رهيا. رواداري ڪميٽي جو رواداري مارچ جڏهن پريس ڪلب پهتو ته ان مذهبي تنظيم جا ڪارڪن مختلف گاڏين ۾ چڙهي ۽ پيادل حيدر چوڪ واري علائقي ۾ پهتا ۽ اتي گڏ ٿيڻ کانپوءِ انهن ڊي سي هائوس وٽ گڏ ٿي ڌرڻو هنيو ۽ بعد ۾ پريس ڪلب ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان پوليس کين روڪيو. پوليس جي ڳالهه نه مڃڻ تي ڪارڪنن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺبازي ڪري کين ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دوران پوليس هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ سبب علائقي ۾ عام ٽريفڪ سخت متاثر ٿي. حفاظتي قدمن تحت پوليس پريس ڪلب وٽ واٽر ڪينن گاڏيون بيهاري ڇڏيون هيون جڏهن ته سموري ميران محمد شاهه روڊ تي پوليس موبائيلون ۽ ٻيون گاڏيون بيٺل رهيون. رواداري ڪميٽي ۽ مذهبي تنظيم جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي امڪان سبب حيدرآباد ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل رهي. گرفتار ڪارڪنن ۾ ضلعي امير حافظ ذيشان رباني، علامه حافظ نويد حنفي، علامه زوهيب ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سليمان سروري، حافظ ساجد، حافظ محمد ياسين ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽي ايل پي جي ڪارڪنن کي بنا سبب جي تشدد ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو. هنن چيو ته ٽي ايل پي جو 23 نومبر تي احتجاج اعلانيل هو پر حيدرآباد جي انتظاميا شهر ۾ 2 قانون نافذ ڪيا ۽ لبرل طبقي کي ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي. اسان احتجاج لاءِ سڀ کان پهرين انتظاميا کي درخواست ڏني هئي. هنن چيو ته هڪ درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڇڏي کين تشدد جو نشانو به بڻايو ويو. هنن ضلعي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن، گرفتارين ۽ تشدد جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ضلعي امير سميت گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ٽي ايل پي جو مشاورتي اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو.