حيدرآباد(بيورو رپورٽ) تعليم کاتي حيدرآباد جي نائب قاصدن گذريل 2 سالن کان پگھارون نه ملڻ خلاف گذريل ڏينهن ڊي اي او پرائمري آفيس حيدرآباد جي آڏو سيد معظم علي شاھه، شاھه رخ، شبير کوسو اسد ملڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن جو چوڻ ھو ته تعليم کاتي حيدرآباد ۾ 2021ع ۾ نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ۽ 2022ع ۾ انٽرويو پڻ ڏنا جنھن ڊي سي حيدرآباد جي ٽيم ميمبر به موجود هئا ، ۽ سال 2023ع ۾ اسان 850 نائب قاصدن کي آرڊر ڏئي جوائننگ به ڪرائي نوڪري ورتي وئي اسان جي ڊي آر سي پڻ ٺھيل آھي ۽ اسان جا سمورا ڪاغذ پڻ تعليم کاتي حيدرآباد جي آفيس موجود آھن پر اسان کي جوائننگ کان ھيسيتائين پگھارون نه مليون آھن، فوري طور پگھارون ڏئي انصاف ڪيو وڃي. سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن ۽ ايپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي محمد جمن چنا، ايپڪا چاچڙ گروپ جي جنرل سيڪريٽري نور محمد کوسو، سخاوت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ملازم جي 7 مھينن کان پگھار ۽ پينشن بند آهي.جڏهن ته سال 2012ع کان غيرقانوني طريقي سان گروپ انشورنس واري رقم ختم ڪئي وئي آهي.ھنن چيو ته 2016ع کان ٿيل اپگريڊيشن سبب وڌيل پگهارون به ادا نه ڪيون ويون آھن. رٽائرڊ ملازم به مهينن کان پينشن کان محروم آھن. جنهن ڪري هو سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، صنعت واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته پگھارون ۽ پينشن واري رقم ٽريزري کان آن لائن ڪري فوري ادا ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي.