حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ 52 نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن. چونڊ 14 نومبر تي ٿيندي. ٽي ايم سي پريٽ آباد جي يونين ڪميٽي 42 ۾ وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ ھڪ نامزدگي فارم، يوسي 46 ۾ جنرل ميمبر وارڊ نمبر هڪ لاءِ ٻه نامزدگي فارم، يوسي 51 ۾ وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ 7 نامزدگي فارم، ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام جي يوسي 62 ۾ جنرل ميمبر وارڊ نمبر هڪ ۽ 2 جي سيٽ لاءِ به هڪ نامزدگي فارم جمع ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ٻي سيٽ تي فارم جمع نه ٿيو آهي. ٽي ايم سي حسين آباد جي يوسي 125 ۾ چيئرمين، يو سي 132 جي چيئرمين، يو سي 138 جي جنرل ميمبر وارڊ نمبر 3، يو سي 140 ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين، ٽي ايم سي قاسم آباد جي يو سي 144 ۾ وائيس چيئرمين لاءِ گڏيل طور تي 42 اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن.