حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت فورٽ پوليس پاران ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن تي داخل ڪيس ۾ 44 ڪارڪنن جي 18 ڊسمبر تائين 10-10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظوري ڪري ورتي آهي. فورٽ پوليس يومِ شهداءِ جي موقعي تي يادگار شهداءِ ويجهو جمع ٿي نعريبازي ڪرڻ تي 63 نامزد ڪارڪنن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت غداري ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف نعريبازي ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ نامزد 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪي هن وقت جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهن جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جن ڪارڪنن عبوري ضمانت منظور ٿي آهي انهن ۾ عبدالمجيد ڀٽي، محمد رضوان شيخ، محمد ارسلان قريشي، محمد فاروق خانزادو، انجم شهزاد صديقي، محمد عارف يوسفزئي، نديم سراج شيخ، نفيس صديقي، اقبال شيخ، انتخاب عالم، آصف بيگ، فهيم بيگ، خالد خانزادو، محمد حارث جعفري، محمد ادريس جعفري ۽ ٻيا شامل آهن.