حيدرآباد( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. فورٽ پوليس رڪشا مارڪيٽ وٽ ڏوهارين سان مبينا مقابلي جي دعوي ڪندي هڪ ڦورو سلطان عرف سڄڻ ابڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ترجمان موجب گشت دوران پوليس جو ٻن اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتاري دوران مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿيو سندس ساٿي فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي گرفتار جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پستول ۽ موٽرسائيڪل ملي آهي. ٻئي پاسي حسين آباد پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوي ڪئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي پوليس جي نشاندهي تي لطيف آباد يونٽ نمبر 4 وٽ باگڙين جي قبرستان ڀرسان 3 ڏوهارين سان ساڻن مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري همت علي ملاڻو زخمي ٿيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. مارجي ويل ڏوهاري خلاف 7 ڪيس داخل آهن.