حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل سنڌ لا اسٽوڊٽس ايسوسيئيشن پاران قانون جي تعليم جي فين ۾ اضافي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين هٿن بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي فين ۾ واڌاري خلاف نعريبازي به ڪئي. قانون جي شاگردن جي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن مهدي رضا سومرو، شاڪر نواز، طلال جماڻي، فرحين سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 4 سالن دوران سنڌ يونورسٽي جي انتظاميا پاران قانون جي تعليم جي فين ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سبب غريب شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کان لاچار آهن. دولتپور جي رهواسين زمين تي مبينا قبضي خلاف ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي. مختيار گائينچو، صنم گائنيچو، مشتاق گائنچو، جيوڻي، گلان خاتون ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.