حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لاکا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران وڪيل سلامت لاکو سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ جيل ۾ ساڻس ملاقات نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي جانب لاکو، غلام رسول لاکو، رجب لاکو، سهيل لاکو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته وڪيل سلامت علي لاکو، امانت علي لاکو، رفيق پنهور، نادر لاکو ۽ ٻيا سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد آھن سندن ملاقات بند ڪري بي بنياد بند وارڊ ڪيو ويو آھي ساڻس ۽ سندس ساٿين سان جيل ۾ سختيون ڪيون پيون وڃن ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. هنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل پوليس کان مطالبو ڪيو ته سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد سلامت لاکو ۽ امانت لاکي سميت سندس ساٿين مٿان سختيون ختم ڪري ملاقات کولي وڃي.