حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد سول ڪورٽ مان قيدي پوليس اھلڪار کي چمڪو ڏئي فرار ٿي ويو آھي، ان سلسلي ۾ پوليس ڪانسٽيبل غلام حيدر قيدي عارف کي ايڊيشنل سيشن جج نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ آيو ته جوابدار قيدي اھلڪار کي چمڪو ڏئي سول ڪورٽ جي عمارت مان فرار ٿي ويو، جڏھن ته ڪينٽ ٿاڻي حد ۾ جوابدار جي فرار ٿيڻ بعد پوليس اھلڪار غلام حيدر کي تحويل ۾ وٺندي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ قيدي ڀڄائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن، جوابدار قيدي عارف ولد سعيد قريشي تي غيرقانوني پسٽل رکڻ جو بلديا ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل ھو.