حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قومپرست تنظيم جي تقريب کي روڪڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ٻاھران ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪري 4 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ سڀاءُ پاران گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پاڻي چوري.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين مطالبن لاء پروگرام رٿيل ھو جنھن جي اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا مقرر ڪيا ويا ۽ ميران محمد شاهه روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪيو ويو ھو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو به موقعي تي پھچي ويو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو جنهن بعد پروگرام لاءِ آيل 4 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب آچر واري نڪتل ريلي ۾ پاڪستان ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪئي وئي هئي ۽ بينر توڙي پينا فليڪس ڦاڙيا ويا ھئا جنھن تي ڪينٽ پوليس 17 ماڻھن ۽ 250 نامعلوم مردن ۽ عورتن تي ڪيس داخل ڪيو آهي گذريل ڏينهن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي به ھن ڪيس ۾ ظاھر ڪيو ويو آهي.