حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سخي پير جي علائقي گئو شالا ۾ ايڪو سائونڊ جو ڪم ڪندڙ نوجوان قرضين کان تنگ ٿي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 36 سالن جي زين العابدين پٽ عبدالسلام شيخ گهر جي ڇت تي پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش دوران ٽئين فلور تان هيٺ گهٽي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. سخي پير ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور وارثن نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو موت مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿيو جڏهن ته باهه سبب نوجوان جو جسم 70 کان 80 سيڪڙو متاثر ٿيو هو. سخي پير پوليس نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو جيڪي تدفين لاءِ پاڻ سان گڏ کڻائي ويا. سخي پير پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي زال ۽ ٻين وارثن کين بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته زين العابدين شيخ ڪجهه ماڻهن کان ڪاروبار لاءِ پئسا کنيا هئا پر ڪاروبار نه هئڻ سبب هو رقم واپس نه ڪري سگهيو جنهن ڪري پئسا گهرندڙن کيس ڏنل رقم واپس ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پريشان پئي ڪيو جنهن کان دلبرداشته ٿي هن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات گهر جي ڇت تي چڙهي پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني ۽ بعد ۾ هو ڇت تان هيٺ ڪري پيو جنهن کي علاج لاءِ انهن اسپتال منتقل ڪيو پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو.