حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هيرآباد واري علائقي ۾ مهينو اڳ 7 ورهين جي نينگري زاليه قريشي کي قتل کان اڳ زيادتي جي ڪوشش جي تصديق ٿي وئي آهي. پوليس ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته نينگري جي قتل واقعي ۾ ملوث پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار اسامه قريشي زاليه سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس قتل ڪيو هو. ترجمان موجب 30 آڪٽوبر تي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پلازه جي ڇت تان نينگري جو لاش مليو. پوليس نينگري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل جتي ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرياڻين نينگري جا جزا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا هئا جڏهن ته مارجي ويل جوابدار اسامه جي به ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ليبارٽري پاران نينگري ۽ جوابدار جي جزن بابت رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته وحشي صفت جوابدار اسامه قريشي گلن جهڙي زاليه قريشي سان جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس قتل ڪيو. واضح رهي ته ڄاڻايل جوابدار سميت ٽن شڪي ماڻهن کي پوليس تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي هئي ۽ واقعي جي ٽيئن ڏينهن جوابدار ميران اسڪول وٽ مارڪيٽ پوليس سان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو هو.