حيدرآباد(بيورو رپورٽ ) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف وڪيلن جو يارھين ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو، احتجاج سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ ڪورٽس، سول ڪورٽس ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هليا، ڪيس نه هلڻ سبب سائل رلي ويا، سوين ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويا، وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن جي ڪئمپ قائم ڪيل رهي پوليس اھلڪار ۽ آفيسرن سميت اڄ عام عوام جي عدالت ۾ داخلا تي بندش لڳل هئي، وڪيلن جي تحريڪ پاران ٻئين مرحلي ۾ ايفيڊيوٽ برانچ مڪمل طور بند سائلين کي عدالت ۾ اچڻ کان وڪيلن روڪي ڇڏيو، عدالت مک گيٽن وٽ تالا لڳي ويا، وڪيلن جو ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف نعريبازي، کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ٻئي طرف ھاء ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جوڙيل ايڪشن ڪميٽي اعلي اختيارين ۽ سرڪاري ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات بعد ڊسٽرڪٽ بار ۾حيدرآباد بار جي نئين آيل باڊي جي صدر اشعر مجيد کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته معزز جسٽس ۽ ڪاميٽي اڳواڻن سان ملاقات ٿي سومر ڏهاڙي مسئلي حل جي خاطري ڪرائي وئي آھي، وڪيلن ۽ ايس ايس پي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بابت آگاھي ڏني پنھجي شڪايت ڏني سومر تائين بھتري جي اميد ملي آھي مسئلو حل ٿي ويندو ھنن چيو ته اسان جو احتجاج جاري آھي جيستائين ايس ايس پي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيستائين احتجاج عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري رھندو، سومر ڏهاڙي مسئلي جو حل نه ٿيو ته ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي سموري باڊيز جو اجلاس سڏايو ويندو، ٻئي طرف حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان وڪيلن جي  گڏجاڻي لاءِ آل سنڌ وڪلا ڪنوينشن” منعقد ڪيو ويندو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اشعر مجيد کوکر پاران باضابطا ڪنوينشن دعوت لاء سرڪيولر به جاري ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته  ڪنوينشن خاص طور تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي خلاف خدشن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ آهي، جنهن کي سنڌ جي وڪيلن برادري پاران “ناپسنديده شخص” قرار ڏنو ويو آهي، ڪنوينشن ۾ سنڌ جي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز، ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشنز جي سڀني عهديدارن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي جيڪو 5 مارچ  سيشنز ڪورٽ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو.