حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين خلاف پوليس نادرا جي مدد سان ڪاررواين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. هٽڙي پوليس هالاناڪي تي قائم هوٽلن، ريسٽورنٽس، مسافر خانن ۽ افغان بستين ۾ ڪارروائي ڪري افغانين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا جڏهن ته نادرا عملي جي مدد سان بنا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جعلي ڪارڊ طور رهندڙ افغاني کي غيرقانوني ڄاڻائي تحويل ۾ وٺڻ بعد گنجي ٽڪر تي قائم هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪيو. ايس ايڇ او هٽڙي جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن دوران انهن 30 کان وڌيڪ افغانين کي تحويل ۾ وٺي هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتان سڃاڻپ بعد 15 ڄڻا پاڪستاني هئڻ تي آزاد ڪيا ويا آهن جڏهن ته 15 ڄڻا غيرقانوني طور ترسيل هئا جن کي پنهنجي ڏيهه اماڻيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور ڪارروايون ڪري انهن افغانين کي هولڊنگ ڪئمپ منتقل پئي ڪيو جتي نادرا ذريعي سڃاڻپ بعد ڪجهه ماڻهو آزاد ڪيا پئي ويا ان ڪري هاڻي انهن نادرا جي مدد سان ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو آهي ته جيئن جنهن هنڌ به ڪارروائي ٿئي اتي ئي نادرا جي مدد سان افغان پناهگير جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد کيس هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪري سگهي. پوليس دعويٰ ڪئي ته مختلف هنڌن تي ڪاررواين دوران انهن 50 کان وڌيڪ افغانين کي تحويل ۾ وٺي نادرا ذريعي سڃاڻپ ڪئي ۽ جن وٽ پاڪستان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ هو ان کي آزاد ڪيو جڏهن ته غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪيو ويو آهي.