حيدرآباد(بيورو رپورٽ) صوفي شاعر، استاد ۽ انساني ترقي جي علمبردار سيد غلام رسول شاهه(غمناڪ) حسيني جي ياد ۾ غمناڪ حسيني فائونڊيشن، اڳرو راهو پاران حيدرآباد جيمقامي هوٽل ۾ ٽيون “غمناڪ حسيني ادبي ميلو” منعقد ڪيو ويو. غمناڪ حسيني ادبي ميلي ۾ وڏي انگ ۾ شاعرن، اديبن، ليکڪن، استادن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي غمناڪ ادبي ميلي ۾ مڃتا طور مرحوم تاج حيدر، مدد علي سنڌي، راڳي سيف سميجو، صنم ماروي، وقار علي شاهه، ڊاڪٽر اسد الله لاشاري، ڊاڪٽر تنوير شيخ، امر سنڌو، سورٺ سنڌو، سلمان جاکرو، سينيئر صحافي  محمد حسين خان، نصير ميمڻ، شيرين ناريجو، مرحوم قلندر شاهه لڪياري، اشتياق انصاري، اختر درگاهي، ساڀيان سانگي، فرخ يار ۽ ٻين کي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. تاج حيدر جو ايوارڊ سندس گهرواري وصول ڪيو. غمناڪ حسيني ادبي ميلي ۾ باڪسنگ ۾ عالمي اعزاز ماڻيندڙ عاليا سومرو کي ايوارڊ ۽ 50 هزار رپيا ڪيش انعام ڏنو ويو. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته غمناڪ حسيني صوفي شاعري سان گڏ هڪ عظيم استاد طور سٺا شاگرد تيار ڪندڙ ڪردار هو. ان موقعي تي غمناڪ حسيني فائونڊيشن جي سربراهه سيد امداد علي شاهه نامياري اديب مدد علي سنڌي، نامياري شاعر احمد سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.غمناڪ ادبي ميلي ۾ مشاعرو منعقد ڪيو ويو، مشاعري جي صدارت احمد سولنگي ڪئي، جڏهن ته مشاعري جي ڪارروائي بخشڻ مهراڻوي هلائي. مشاعري ۾ تاج جويو، رکيل مورائي، امداد جعفري، امر سنڌو، حسين مسرت، رئوف صديقي، ساڀيان سانگي، ساحر راهو، معشوق ڌاريجو، جاويد سوز هالائي، گلبدن جاويد مرزا، نياز پنهور، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، مجاز سولنگي، امتياز دانش، غوث پيرزادو، رحمت پيرزادو، عابد انڙ، خالد راڄپر، امداد جعفري، شبنم گل، فواد ڪلوڙ، مخمور بخاري، عنايت الله نهڙي، راجا الطاف ۽ جهانگير ڏاهري سميت ناميارن شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو. ميلي ۾ سيد امداد علي شاهه پاران غمناڪ حسيني جي شاعري جي سهيڙيل ڪتاب پريان سندي ڳالهڙي ۽ سووينيئر جي مهورت ڪئي وئي.