حيدرآباد(بيورو رپورٽ)حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي۾ نوجوان عورت مبينا طور پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي وارثن جو چوڻ آهي ته 25 ورھين جي شھناز زال احسان جمالي گھرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏني آھي ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته علي آباد ڪالوني لطيف آباد نمبر 4 ۾ پرڻيل نوجوان عورت گھر اندر پاڻ ساڙي آپگھات ڪيو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي