حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٽنڊو محمد خان جي پير پاڙي جي رهواسڻ راحيلا قمبراڻي گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي امڙ بختاور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آھي سندن شھر ۾ قائم هڪ نام نهاد سماجي تنظيم مددگار جي انچارج رضيا سهتو جي ڀاءُ اياز سهتو غريبن ۽ يتيمن جي مدد جي آڙ ۾ سندس شادي پنهنجي ملازم علي شير سان ڪرائي ڇڏي ۽ شادي لاءِ مون کان 75 هزار رپين جو ڏاج ورتو جنهن ۾ ھڪ موبائل فون ۽ 50هزار رپيا روڪ آھن، جڏهن ته منهنجي لڄ لٽڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران مزاحمت تي منهنجا ڪپڙا ڦاٽي پيا. هن چيو ته مڙس علي شير به خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آھي جنهن ڪري مان هاڻ مڙس کان به طلاق وٺڻ چاهيان ٿي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي.