حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ڊيليگيٽ ڪانگريس حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ٿي، جنھن ۾ پارٽي جي نئين چونڊ ڪئي وئي قاضي علي نواز نظاماڻي صدر ۽ اثر امام جنرل سيڪريٽري چونڊجي وياڪانگريس ۾ سياسي، معاشي، قومي بحرانن خلاف طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پارٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، پارٽي جي نئين صوبائي قيادت ۾ قاضي علي نواز نظاماڻي صدر، ۽ اثر امام جنرل سيڪريٽري طور چونڊجي آيا، جڏهن ته ٻين عهديدارن ۾ ذوالفقار بروهي، خليل بلوچ، شبير شيخ، مٺل بلوچ، گلزار چنا، ڊاڪٽر ساحل بروهي، غلام قادر گاڏهي، رياض بيگ، منظور رضي، توقير چغتائي، سڪينه بتول ۽ مير حسن مري شامل آهن.ڪانگريس ۾ منظور ڪيل سياسي قراردادن جي ۾ چيو ويو ته ملڪ موجوده وقت ۾ هڪ سنگين حڪومتي بحران، سامراجي اقتصادي مداخلت، ۽ طبقاتي جبر جي ور چڙهيل آهي. اڳواڻن زور ڀريو ته حڪمران طبقا ۽ انهن جا گماشته ادارا عوام جي وسيلن کي نجي سرمايي جي حوالي ڪري، زرعي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِسامراجي ادارن جي قبضي ۾ ڏئي رهيا آهن، جيڪا زرعي سماج جي مڪمل تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي.سنڌ جي زراعت، جيڪا اڳي معاشي طور ڪرنگھي جي ھڏي جو ڪردار ادا ڪندي هئي، اڄ سامراجي زرعي پاليسين ۽ مقامي جاگيردار سرمائيدار ڳٺ جوڙ جي ڪري برباد ٿي رهي آهي، پاڻيءَ جو بحران رڳو قدرتي مسئلو ناهي، پر اها رياستي ناانصافي ۽ وفاقي پاليسين جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ سياسي سازش آهي. دريائن تي ٿيندڙ معاهدن جي ڀڃڪڙي، خاص طور تي چشما لنڪ ڪينال جو غيرقانوني وهڪرو، سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.جتي سمنڊ ٺٽي ۽ بدين جي زمينن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، اتي حڪمران طبقا زرعي زمينن کي هارين بدران ڪارپوريٽ ادارن کي سونپي رهيا آهن. نتيجي طور، هزارين هاري، جيڪي نسل در نسل زمين سان وابسته هئا بي زمين بي روزگار ٿي رهيا آهن.ڪانگريس دوران 16 نقطن تي ٻڌل سياسي قراردادون منظور ڪيون ويون، جن ۾ زرعي سڌارا، زمين جي هارين ۾ ورڇ، شاگرد يونين جي بحالي، جبري گمشدگين جي خاتمي، عورتن ۽ اقليتن سان امتيازي سلوڪ جي بندش، ۽ تعليمي نظام ۾ سائنسي شعور جي واڌاري جهڙا اهم مطالبا شامل آهن.پارٽي اعلان ڪيو ته اها ملڪ ۾ سرمائيداري، آمريت ۽ سامراجي مداخلتن جي خلاف مڪمل جدوجهد جاري رکندي. سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي پورهيتن، هارين، شاگردن، عورتن، ۽ قومي تحريڪن کي هڪ انقلابي محاذ ۾ منظم ڪيو ويندو.ڪانگريس کان پوءِ سنڌو درياھ تي غيرقانوني ڪينالن جي اڏاوت ۽ زرعي زمينن جي ڪارپوريٽ حوالي ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي مرڪزي صدر اختر حسين ايڊووڪيٽ، پنجاب جي صدر پروفيسر امير حمزه ورڪ، سنڌ جي صدر قاضي علي نواز نظاماڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اثر امام ڪئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ۽ زمينون رڳو هارين کي ئي ملڻ گھرجن.