حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي اين سي ڊي ونگ طرفان شگر جي بيماري جي اثرن ۽ ان کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. جاڳرتا ريلي صحت کاتي جي آفيس کان ٽيڪنيڪل ڪاليج تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ شامل ماڻهن هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي شگر جي بيماري جي خطرناڪ اثرن ۽ ان کان بچاءُ بابت ماڻهن کي آگاهي ڏني. ريلي ۾ شامل ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل اين سي ڊي ڊاڪٽر اعجاز احمد عباسي، ڊاڪٽر پرويز احمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عظيم احمد ميمڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته عوام کي کنڊ، مٺاڻ ۽ ان مان ٺهندڙ ٻين شين کان وڌ ۾ وڌ پرهيز ڪرڻ گهرجي.