حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايگريلچر ايڪسٽيشن آفيسرس۽ 89 ايگريڪلچرز يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ملازمن 3 ڏينهن اڳ شھدادڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽرايگريڪلچر ايڪسٽين عاشق حسين چانڊيو جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  احتجاجي مظاهرو ڪيو. رياض ميمڻ،ڊاڪٽر لال چند،شبير احمد کوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 30مئي 2025ڏهاڙي تي ڊيوٽي تي ويندي شھدادڪوٽ ھٿياربندن ڊپٽي ڊاريڪٽرايسڪسٽين قمبر شھدادڪوٽ عاشق حسين چانڊيو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آھي. هنن چيو ته سنڌ جي هڪ سرڪاري کاتي جي آفيسر کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ پوليس واقعي کان لاتعلق بڻيل آھي جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آھي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ،سنڌ جي گهرو وزير سوڌو پوليس جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽس وٺي  مقتول جي قاتل فوري گرفتار ڪري ايگريڪلچر کاتي جي فيلڊ اسٽاف سڪيورٽي ڏني وڃي.