حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بزم روح رهاڻ اديب، شاعر ۽ صحافي پرواني ڀٽي ستين ورسي جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي. شاعرن ۽ اديبن گهر ڪئي ته پرواني ڀٽي جي شاعري جو ڪتاب ڇپرايو وڃي. گڏجاڻي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم جي يادگيرين جي ڪتاب پل پل جي ڪهاڻي جي پڌرائي ڪئي وئي. صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته پروانو ڀٽي سنڌ جي چرندڙ پرندڙ تاريخ هو. هڪ بهترين شاعر سان گڏ بهترين صحافي سان گڏ سٺو انسان هو. هڪ اهڙي ڪردار کي ياد ڪيو ويو آهي جنهن کي وساريو ويو هو. ڪيڏي نه سماج جي بي حسي چئبي. نامياري اديب ادريس جتوئي، انعام الله ڀٽي، نذير ناز، هيمن چنداڻي، قادر بخش مگسي، سليم چنا ۽ ٻين چيو ته پرواني ڀٽي جو ادب ۽ صحافت سان عشق هو. ٻولي جو سچو خدمتگار هو.