حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن ۽ ايپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ چوٿين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد جمن چنا، نور محمد کوسو، سخاوت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته حاضر سروس ملازمن جي 6 مھينن کان پگھار ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن بند آهي. جڏهن ته سال 2012ع کان غيرقانوني طريقي سان گروپ انشورنس واري رقم ختم ڪئي وئي آهي. ھنن چيو ته 2016ع کان ٿيل اپگريڊيشن جي ڪري وڌيل پگهارون به ادا نه ڪيون ويون آھن. هنن چيو ته رٽائرڊ ملازم به 6 ميهينن کان پينشن کان محروم آھن. پگھارون ۽ پينشن نه ملڻ ڪري ملازم سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، صنعت واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان گُهر ڪئي ته پگھارون ۽ پينشن واري رقم ٽريزري کان آن لائين ڪري فوري ادا ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.