حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن ملازم يونين سي بي اي ۽ چاچڙگروپ طرفان 20 مارچ کان شروع ڪيل مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد جمن چنا، نور محمد کوسو، سخاوت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اختياريون نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن چيو ته ملازم جي 7 مھينن جي پگھار ۽ پينشن رهيل آهي،جڏهن ته سال 2012 کان غيرقانوني طريقي سان گروپ انشورنس واري رقم ختم ڪئي وئي آهي.ھنن چيو ته 2016 کان ٿيل اپگريڊيشن سبب وڌيل پگهارون به ادا نه ڪيون ويون آھن. هنن چيو ته رٽائرڊ ملازم به ڪيترن مهينن کان پينشن کان محروم آھن. هنن چيو ته پگھارون ۽ پينشن نه ملڻ ڪري هو سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صنعت واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته پگھارون ۽ پينشن واري رقم ٽريزري کان آن لائين ڪري فوري ادا ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.