حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن ۽ ايپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 15 ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پٺا اگهاڙا ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد جمن چنا، ايپڪا چاچڙ گروپ جي جنرل سيڪريٽري نور محمد کوسو، سخاوت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ملازمن جي 7 مھينن کان پگھار ۽ پينشن بند آهي جڏهن ته سال 2012ع کان غيرقانوني طريقي سان گروپ انشورنس واري رقم ختم ڪئي وئي آهي. ھنن چيو ته 2016ع کان ٿيل اپگريڊيشن سبب وڌيل پگهارون به ادا نه ڪيون ويون آھن. هنن چيو ته رٽائرڊ ملازم به 6ميهينن کان پينشن کان محروم آھن. هنن چيو ته پگھارون ۽ پينشن نه ملڻ ڪري هو سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، صنعت واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته پگھارن ۽ پينشن واري رقم ٽريزري کان آن لائين ڪري فوري ادا ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.