حيدرآباد(بيورو رپورٽ) دادو جي ڳوٺ برماڻي خدا آباد جي رهواسين بااثر ماڻھو پاران 4ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ زمين جي مالڪي تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف عنايت برماڻي،منير برماڻي،مراد برماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي هنن الزام ھڻندي چيو ته سندن جي زمين ديهه ڪلهوڙو ۾ 4ايڪڙ زمين اڳوڻي صوبائي وزير پيرمظھر جي پٽ ايم پي اي پيرمجيب جي بنگلي سامهون آھي جنهن تي گذريل ڪيتري عرصي کان قبضو آھي جڏهن ته زمين جي مالڪي ڪرڻ تان منهنجي پي نظير برماڻي ۽ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو سوڌو 4ڄڻن تي 10هزار ڦر جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، هن چيو ته زمين تي قبضو ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي زمين جي مالڪي تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن مطالبو ڪيو زمين تي قبضي ۽ ڦرڪيس جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.