حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ رٽائرڊ ٽيچرز ايسوسيئيشن سميت مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. هوسڙي سان تعلق رکندڙ  ڳوٺاڻي غلام نبي پنهور پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته سئوٽ سردار پنهور سميت مٿس قاتلاڻو حملو ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته بااثر حميد پنهور، غلام قادر پنهور، فيروز پنهور، مجيد پنهور، نديم پنهور ۽ ٻين گڏجي مٿس حملو ڪيو پر پوليس حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن چرچ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن سان 2004ع کان تڪرار هلندڙ آهي. تازو انهن 29 مئي 2022ع تي زمين تي مال چارڻ دوران مٿن حملو ڪري زخمي ڪيو. پٺاڻ ڪالوني جي رهواسي محمد اسلم شيخ احتجاج ڪندي دانهيو ته سندس سالو، گهرواري ۽ ٻار ڦرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. انڪار تي هو سندس زال ۽ ٽن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي. پوليس سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري. گورنمينٽ رٽائرڊ ٽيچر ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي سيف الله خاصخيلي، سيد اشفاق حسين، محمد حنيف، نگهت عباسي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته رٽائرڊ ملازمن سان حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. 200 سيڪڙو مهانگائي وڌڻ باوجود بجيٽ دوران ملازمن جي پينشن ۾ رڳو 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو جيڪو عمل ساڻن ناانصافي آهي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود گروپ انشورنس واري رقم ناهي ادا ڪئي وئي جڏهن ته سروس دوران پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل بينيوئل فنڊ وارو معاملو به رولڙي جو شڪار بڻيل آهي. جائز مطالبا حل ڪري ٻي صورت ۾ هو ڪراچي پهچي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا.