حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دادو ۾ رهندڙ برهماڻي برادري جي ماڻهن علائقي جي پوليس پاران هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري هاف فراءِ ڪرڻ واري عمل خلاف حيدرآباد پهچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي دادو پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ حق نواز برهماڻي، صدام برهماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته علائقي جي هڪ بااثر شخص غلام علي لغاري جي چرچ تي پوليس سندن نوجوان محمد حيات برهماڻي خلاف 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪيو. ان ڪيس جي ضمانت لاءِ هو سيشن جج جي عدالت پهتو ته 18 جنوري تي ڊرگهه بالا ٿاڻي جي پوليس سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس گڏجي محمد حيات برهماڻي کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ رات جو کيس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته حيات برهماڻي پورهيو ڪندڙ آهي. سياسي انتقامي ڪارروائي تحت نوجوان کي گرفتار ڪري هاف فراءِ ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊرگهه بالا ۽ ٻي پوليس خلاف قدم کڻي بيگناهه هاف فراءِ ڪيل نوجوان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ وڏيري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏيندا.