حيدرآباد(بيورو رپورٽ) دادو ضلعي جي پيارو شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ غلام حسين ھنڱورو، حق نواز چوھاڻ، ڏتل جمالي، اڪبر مستوئي ۽ ٻين ٻڌايو ته ھو پيارو شاخ جي پڇڙي جا آبادگار آهن. علائقي جا بااثر زميندار انجنيئر، داروغن ۽ ايس ڊي او جي ملي ڀڳت سان سمورو پاڻي واپرائي وڃن ٿا جنهن سبب پڇڙي  وارا آبادگار سخت متاثر ٿي رھيا آهن. ھنن چيو ته سندن پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو ۽ڪو به عملدار ٻڌڻ وارو نه آهي. مال متاع پاڻي نه ھجڻ سبب مري رھيو آهي. زمينون سڪي رھيون آھن جنهن ڪري هو سخت پريشان آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته کين پاڻي ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي.