حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هڪ ناليواري خانگي اسپتال پاران جيئري نينگري کي مئل قرار ڏئي وارثن حوالي ڪرڻ واري معاملي جو ٻن ڊاڪٽرياڻين سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قاسم آباد جي ڳوٺ محمد بخش شورو جي رهواسي ۽ نينگري جي والد محمد رفيق ڀيو جي فرياد تي اهو ڪيس بلديا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ڄاڻايو آهي ته هن 28 آڪٽوبر تي پنهنجي زال کي ويم لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي سندس زال نارمل طريقي سان نياڻي کي جنم ڏنو. اسپتال ۾ سندس نياڻي جو علاج ڊاڪٽر هيراماڻي ڪري رهي هئي. 30 آڪٽوبر تي ٽپهري جو ڊاڪٽر پاڪيزه ٻڌايو ته نياڻي فوت ٿي وئي آهي ۽ کيس ڪفن ۾ ويڙھي سندن حوالي ڪيو ويو. نياڻي گهر منتقل ٿي ته اها زندھ هئي جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جيڪا بعد ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. فريادي موجب سندس نياڻي جو ڄاڻايل ڊاڪٽرياڻين غلط علاج ڪيو ۽ اسپتال جي انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري کيس ڪفن ۾ ويڙهيو ويو جنهن جي ڪري هن جو دم گهٽجي ويو ۽ هو بعد ۾ فوت ٿي وئي.

الزام هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻين ۽ ملازم ضمانت ڪرائي ورتي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ جيئري ٻارڙيءَ کي مئل قرار ڏيڻ جي الزم هيٺ آيل ڊاڪٽرياڻين ۽ اسپتال جي هڪ ملازم ڪريم مومباڻي عبوري ضمانت لاءِ فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج سان رجوع ڪيو آهي. عدالت هڪ هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 11 نومبر تائين سندن ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي تي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد حراسان ڪيو پيو وڃي: فريادي

حيدرآباد: نينگري جي والد محمد رفيق حيدرآباد پريس ڪلب پهچي الزام هنيو آهي ته اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي تي ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس حراسان ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ جي باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ۽ مٿس پوليس ذريعي دٻاءُ وجھي صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته کيس هڪ لک رپيا ڏئي ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. ھن مطالبو ڪيو ته جن ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي تي ڪيس داخل ٿيل آھي انھن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.