حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جوهي جي ڳوٺ باجو واسي عورتن ۽ مردن 10 مهينا گذرڻ باوجود ٻن ڄڻن ذوالفقار علي ۽ سندس ڀائيٽي محمد رمضان قمبراڻي جي قتل ڪيس جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون محمد حسن قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته پهرين جنوري 2024ع جي ڏينهن مک جوابدا اي ايس آءِ ٽريفڪ پوليس حيدرآباد غلام مصطفيٰ قمبراڻي، سائين بخش سميت 10 جوابدارن حملو ڪري ڪهاڙيون ۽ لوهي سيخون هڻي ذوالفقار ۽ محمد رمضان کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪيس ڦلجي وليج ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس 2 جوابدارن جي گرفتاري ڏيکاري وڌيڪ مک جوابدار کي گرفتار نه ڪيو جنهن سبب ڪيس جا مک جوابدار ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن.