حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جسماني طور معذور نوجوان، ٻار، عورتون ۽ مرد به ثقافتي رنگن ۾ رنگيل نظر اچن ٿا. ان حوالي سان سماجي تنطيم پاران قاسم آباد م قائم معذورن جي اداري ۾ ثقافتي رهاڻ رچائي وئي. رهاڻ ۾ وڏي انگ ۾ اسپيشل ٻارن، عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي ۽ هنن اجرڪ، ٽوپيون ۽ ثقافتي ڪپڙا پائي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ۽ جهمريون پاتيون، تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هيو ته اسان کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي ثقافت ۽ تهذيب ھزارين سال پراڻي آهي. سندن چوڻ هو ته اسان کي سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت سان تمام گهڻو پيار آهي. تقريب ۾ مشهور مزاحيه فنڪار اصغر کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪري اسپيشل ٻارن، عورتن ۽ مردن ۾ مرڪون وکيريون. تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.