حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي پوليس پوسٽ ڀرسان ٽنڊو محمد خان_ حيدرآباد روڊ تي تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب  8 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، فوتي ديا ڌيءُ اجي سوچي جو لاش پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس پوسٽ جي انچارج امام الدين راهپوٽو موجب نينگري جو تعلق هوسڙي جي علائقي علي اصغر آباد ڪالوني سان آهي، جيڪا روڊ ڪراس ڪرڻ دوران حادثي جو شڪار ٿي وئي.