مٽياري/حيدرآباد(بيورو رپورٽ+ رپورٽر) سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌو بچايو تحريڪ جي سڏ تي باءِ پاس تي 6 ڪلاڪ ڌرڻي سبب پنجاب ويندڙ ۽ پنجاب کان ايندڙ ھزارين گاڏيون بيهجي ويون لکين ماڻھو ڦاٿل رھڻ کانپوءِ 6 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو گذريل شام جو شھيد ھوش محمد شيدي فلاءِ اوور پل کان احتجاجي مارچ شروع ڪيو ويو جنھن ۾عورتن سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاجي مارچ ۾عورتون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به شامل هئا احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪئنالن جي خلاف آهي. اسانجي ندي سڄي سنڌ کي قومي تحريڪ ۾جوڙي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ماڻهن ريفرنڊم ڏيئي ڇڏيو آهي پر سندن ايجنٽ اڃا به کين آسرا ڏيئي رهيا آهن. ايس آء ايف سي تحت صوبن جون ملڪيتون ڦٻايون ويون آهن، اٿارٽيز ٺاهي ڪوئلو، سمنڊ ء معدني وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويا آهن. هاڻي آئين به وچ ۾ نه رهيو آهي ته صوبا ڪيئن گڏ هلي سگهندا. 21 هين صدي ۾ قومن جا حق نٿا ڦٻائي سگهجن. سنڌ حڪومت جيڪي زمينون ڏنيون آهن اهي واپس ڪيون وڃن. سنڌ جي ماڻهن کي اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي. 1943ع جي قرارداد تحت صوبن سان نئون معاهدو ڪرڻ گهرجي. اسان هن ملڪ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهون ٿا ۽ اسان جا وسيلا به غير محفوظ آهن. اسانجي پران جدوجهد جاري رهندي ۽ اسان پنهنجي ندي ۽ وسيلن تان هٿ نه کڻنداسين.جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته درياھ کي بچائڻ جي جنگ هاڻي مزاحمتي فيز ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اسانجي وسيلن جو سودو 8 فيبروريءَ تي ڪري اقتدار ورتو ويو. لالچ جو ڪو انت ڪونهي، محترما جي شهادت کانپوء رڳوملڪيتون ٺاهيون ويون. 18 سالن ۾ ماڻهن سڀ ڪجھ برداشت ڪيو پر سنڌو جو سودو برداشت نه ڪندا. اسان پنهجي وسيلن جو دفاع ڪنداسين ۽ اها جنگ وڙهنداسين.  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو اسان کي ڪا به تڪڙ ڪانهي، ڪو به جلدي نتيجو نه کپي. تڪڙ چورن ۽ ٺڳن کي هوندي. جيترو دير ڪندا اوترو ڀاڳيا گڏجي پڄندا. اڃا ته پراڻا کات کلڻا آهن. هاڻي ڳالهه 6 ڪئنالن جي نه آهي، هاڻي ته ڪئنالن، تونسا پنجند، چشما جهلم، ڊيمن، گئس، پيٽرول، پاڻي جي وڪري ۽ جيڪي ماڻهو ماريا ويا انهن جو حساب آهي. اڃا ته شروعات آهي. اڃا سنڌ جاڳي ڪٿي آهي؟ پنجاب جي حڪمرانن جي داٻي تي هزايرين ماڻهو اٿي کڙا ٿين ٿا. اسانجا احتجاج پرامن هجڻ گهرجن، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ حيدر بحش جتوئي به چيو آهي ته جدوجهد پرامن هجڻ گهرجي. خاموشي سان هر ڪو پنهجي جدوجهد ڪري. سنڌ گڏجي چڪي آهي. سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو آهن، انهن کي ڌمڪين سان ڊيڄاي نٿو سگهجي. هڪ صوبي کي آباد ڪرڻ لاءِ ٽن صوبن کي برباد ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي طاقت ثابت قدمي، اتحاد ۽ امن آهي انڪري ڪير به تڪڙ نه ڪري، پي ٽي آء سنڌ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته هي جدوجهد ڊگهي آهي جيستائين هي فيصلو واپس نه وٺندا. سنڌو ڪرشماتي درياھ آهي جنهن سڄي سنڌ کي گڏائي نئون ڪرشمون ڪيو آهي. حڪمرانن کي سنڌ جي ماڻهن اها ڳالھ تسليم ڪرائي آهي ته سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سردار رحيم چيو ته اسان سنڌي آهيون ۽ جڏهن به سنڌ خلاف سازش ٿيندي آهي اسان ان خلاف جدوجهد ۾ هوندا آهيون، پ پ جو سياسي موت ٿي رهيو آهي. هڪ سچ کي لڪائڻ لاء سئو ڪوڙ ٿا ڳالهايا پيا وڃن. بلاول پاڻ وڏي وزير ۽ ميڊيا کي گڏ وٺي وڃي ڏسي ته ڪئنال ٺهن پيا يا نه، جيڪڏهن ٺهن پيا ته 25 اپريل تي حڪومت ڇڏڻ جو اعلان ڪري.جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پيپلز پارٽي مان چڱائي جي ڪا به اميد ڪانهي، ماڻهن کي پاڻ اٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به ڏاڍ جهڪائي نٿو سگهي. هاڻي گئس، بجلي ۽پيٽرول به بند ڪنداسين. ڪئنال ڊيٿ وارنٽ آهن. سنڌو رڳو جيئاپو نه پر سڃاڻپ آهي ۽ اسان جياپي توڙي سڃاڻپ تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌ ڪر موڙي اٿي پئي آهي ۽ اسان سنڌ کي آهستي آهستي جام ڪنداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته کپي ۽ نه کپي جو نعرو هڻي اسان جي جياپي ۽ پاڻي کي کسڻ جي سازش آهي. بندوق جي زور تي گئس تي قبضو ڪيو ويو ۽ هاڻي ان زور تي پاڻي کسيو پيو وڃي. هتي بندوق جي زور تي فيصلا ڪيا وڃن ٿا. 7 ڪروڙ ماڻهن کي بدحال رڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جي ڊي اي اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته اسان سڀ سياسي ويڇا وساري درياھ کي بچائڻ لاء رستن تي نڪتا آهيون. عوامي پئسن تي جلسا ڪندڙ ٻڌائين ته ڪئنالن جي منظوري ڪنهن ڏني؟ منافقت ڪندڙ سنڌ خلاف سازش ۾ ملوث آهن، ماڻهو چونڊيل نمائندن جو گهيراء به ڪري سگهن ٿا.آبادگار اڳواڻ سيد بشير شاھ، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، نظير قريشي، زينت سمون، عوامي جمهوري پارٽي جي سيد لال شاھ، پ پ شهيد ڀٽو جي مجيد سيال، جماعت اسلامي جي صوبائي نائب صدر ظفرالله چنا، سيد زوهيب شاھ، سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ثمر جتوئي، وطن دوست پارٽي جي اڳواڻ عرض محمد رتڙ، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، سنڌ پٽيشن فورم جي اڳواڻ شهاب اوستو، ديدار شام، ڊاڪٽر بدر چنا، مهر دٻائي، روشن سندر چانڊيو، به خطاب ڪيو