حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جي او آر ڪالوني جي علائقي بنگالي ڪالوني ۾ هفتي کان بجلي بند هئڻ خلاف رهواسين پاران حيسڪو سب ڊويزن گاڏي کاتي جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويو. مظاهرين عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي حيسڪو آفيس ۾ اندر داخل ٿيا جنهن بعد عملو آفيس مان کسڪي ويو. مظاهرين ٻڌايو ته هفتو اڳ سندن علائقي ۾ لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو هو جنهن جي مرمت لاءِ حيسڪو عملدارن کانئن 50 هزار رپيا رشوت ورتي هئي پر حيسڪو عملي رشوت وٺڻ باوجود ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرڻ بدران کين جڳاڙ تي ٽرانسفارمر ٺاهي ڏنو جيڪو لڳائڻ سان ان ڏينهن ئي خراب ٿي ويو هو، جنهن بعد انهن ٻيهر حيسڪو عملي کي ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون هيون پر سندن ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو. مظاهرين موجب ته حيسڪو عملدار ٻيهر ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ کانئن رشوت پيا طلب ڪن. هو پورهيت آهن، بار بار رشوت ڪٿان آڻين جو حيسڪو عملي کي ادا ڪن. هنن حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن ٽرانسفارمر جي مرمت بعد سندن علائقي جي بجلي بحال ٿي سگهي. ٻئي طرف حيسڪو عملي پاران مظاهرين کي آفيس جي اندر ۽ ٻاهران ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس کي طلب ڪيو ويو هو. جي او آر پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي وئي ته سندن علائقي ۾ لڳل خراب ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي بجلي بحال ڪئي ويندي. اهڙي خاطري بعد مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو هو.