حيدرآباد(بيورو رپورٽ) بلوچستان جي شھر ڊيرا الهيار جي رهواسڻ سائره زال عبدالطيف ڀٽي حيدرآباد جي جي او آر ٿاڻي جي پوليس پاران 5 ڏينهن اڳ ايگريڪلچر ڪامپليڪس ويجهو گدو چوڪ وٽان مڙس ۽ سندس پيءُ امداد لاشاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پنهنجي معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام ھڻندي چيو ته 26 جون جي ڏهاڙي تي پوليس اهلڪارن سندس مڙس ايڪسائيز پوليس ڊيرا الهيار جي اهلڪار عبدالطيف ڀٽي ۽ سندس پيءُ امداد لاشاري کي کنڀي کڻي وئي، جنهن جي گهڻي ڳولا کانپوءِ هڪ ڏينهن حيدرآباد جي جي او آر پوليس سندس مڙس ۽ پيءُ جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آھي ۽ چيو ته 2 ڏينهن ۾ جاچ بعد ٻنهي ڄڻن کي ڇڏي ڏينداسين. هن چيو ته سندس مڙس بلوچستان ايڪسائيز پوليس ۾ ملازم آھي، جڏھن ته پيءُ سندس سان گڏ حيدرآباد ۾ رهندو آھي. هن چيو ته سندس مڙس ۽ پيءُ شريف ماڻھو آھن، انهن جو ڪنهن به ڏوهاري سرگرمين سان ڪو به واسطو نه آھي، حيدرآباد پوليس ناحق مڙس ۽ پيءُ کي کنڀي کڻي وئي آھي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مڙس ۽ پيءُ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.