حيدرآباد (بيورو رپورٽ) کاهي روڊ واري علائقي ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام ۾ هجوم هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار زبير قريشي کي ويهڪ واري جاءِ تي پيٽرول هارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سندس ڀينرن ارم ۽ حنا قريشي پاران الزام هنيو پيو وڃي ته سندن ڀاءُ زبير قريشي کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي تذليل ڪرڻ بعد هٿ پير ٻڌي هجوم ۾ شامل ڪجهه ماڻهن ويهڪ واري جاءِ تي پيٽرول هاري سندس وڊيو ٺاهيون جيڪي کين مليون آهن. هنن چيو ته سندن ڀاءُ جو منهن ڪارو ڪرڻ لاءِ ڪاري مس هارڻ واريون وڊيوز به مليون آهن جڏهن ته ڪجهه وڊيوز ۾ کين واضح طور نظر اچي ٿو ته زبير قريشي کي زمين تي ليٽائي ڪپڙن کان آجو ڪري ويهڪ واري جاءِ تي پيٽرول هارڻ سان گڏ جسماني طور تي ايذاءُ ڏنا پيا وڃن. ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي متاثر ڀينرن اهو به انڪشاف ڪيو ته ڀاءُ پيٽرول جي ايذاءُ ۽ جسماني تشدد سبب دانهون ڪري ٿو، ان دوران به سندن علائقي جا ماڻهو مٿس رحم کائڻ بدران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. هنن چيو ته اهي وڊيو به انهن ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي تائين پهچايون آهن پر واقعي کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين زبير قريشي کي تشدد جو نشانو بڻائي تذليل ڪندڙ هجوم ۾ شامل ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي جڏهن ته مارڪيٽ ٿاڻي تي بار بار وڃڻ باوجود پوليس ڪيس داخل به نٿي ڪري. واضح رهي ته افتخار ڀٽي نالي شخص 16 آڪٽوبر تي مارڪيٽ ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرايو ته زبير قريشي سندس پٽ محمد حسن سان 11 آڪٽوبر تي بدفعلي ڪئي. بدفعلي ڪندي کيس سندس دوستن رحمان سومرو ۽ ٻين ڏٺو جنهن بعد هو فرار ٿي ويو هو. 16 آڪٽوبر تي زبير قريشي کي انهن ميرن جي قبن وٽان سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو.