حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٽنڊوڄام جي ڳوٺ محمد يوسف رئيس جي رهواسين ڀتي خورن خلاف گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، مظاهرو ڪندڙ فائز احمد رئيس ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺ ۾ ھڪ بٺو آھي، جنهن سبب علائقي واسين کي روزگار مليو آھي، جڏهن ته بٺي مالڪ علائقي واسين کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو، ڪجهه ماڻھو بٺي مالڪ جي پٺيان لڳي ويا آھن ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي ڪوئلو ۽ مٽي کڻي ايندڙ گاڏي ڊرائيورن تي فائرنگ ڪن ٿا. هنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، پر پوليس انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته ڀتي خورن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.