حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد نارا جيل جي رھواسي پوليس اھلڪار توفيق احمد شاھه  پگھار بند ٿيڻ خلاف ٽن معصوم نياڻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ھن دانھيندي  چيو ته هو ليڊيز جيل حيدرآباد تي ڊيوٽي ڪندو آهي پر مسلسل 4 مھينن کان سندس جي پگھار  بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ٻچڙا وڪڻن لاءِ تيار آھيان پگھار  بند ٿيڻ سبب معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ـ ھن چيو ته 20 سالن کان ايمانداري سان ڊيوٽي  ڪندو پيو اچان پر جيل سپريڊنٽ عابدا سميع عباسي کيس ڊيوٽي تان غير حاضر رھڻ جو جواز ڄاڻاني 4 مھينن کان پگھار  بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويو آھيان ـ ھن چيو ته ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھيان گذريل 4 مھينن کان سخت پريشان آھيان پر بند ٿيل پگھار  جاري نه ٿي ڪعي وڃي. ھن لاڳاپيل پوليس عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سندس جون بند ڪيل پگھارون جاري ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.