حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي اٽي چڪي مالڪن سرڪاري ڪڻڪ جي گهربل ڪوٽا نه ملڻ تي 13 آڪٽوبر کان پنهنجون چڪيون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ آٽا چڪي اونرز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر حاجي محمد ميمڻ، فاروق راٺوڙ، حاجي نجم الدين چوهاڻ ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ نمائش طور فلور مل مالڪن کي ڪڻڪ جون 3600 ٻوريون ڏئي اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 650 رپيا وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن مان ڪجهه ڏينهن نالي ماتر شهرين فائدو حاصل ڪيو پر مجموعي طور بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهو حڪومت جي اعلان مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪري سگهيا. هن چيو ته شهر ۾ 200 کان وڌيڪ چڪيون موجود آهن ۽ شهرين جي اڪثريت به چڪي جو اٽو واپرائي ٿي پر خوراڪ کاتي پاران اڃا تائين کين سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا فراهم ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري هو مجبور ٿي کليل مارڪيٽ مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ وٺي شهرين کي اٽو فراهم پيا ڪن. اڳواڻن چيو ته خوراڪ کاتي ۾ رشوت خور عملدار اچڻ سان شهرين کي ڪڻڪ جو اٽو وڌيڪ اگهه تي فراهم پيو ٿئي. کين اطلاع آهن ته خوراڪ کاتي پاران چڪين جي گهربل ڪوٽا باوجود صرف 30 هزار ٻوريون ۽ في پٿر کي 140 ڪلو جاري ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جيڪو عمل چڪي مالڪن کي ديوار سان لڳائڻ برابر آهي ڇاڪاڻ ته خوراڪ  کاتي پاران مستقبل ۾ فراهم ٿيندڙ ڪڻڪ سندن 2 ڪلاڪ به نه هلي سگهندي ان ڪري هو شهرين کي 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو فراهم نه ڪري سگهندا. هنن چيو ته سندن مطالبو آهي ته ڪوٽا وڌائي وڃي ۽ فوري طور ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي وڃي ته جيئن هو شهرين کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪري سگهن ۽ جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو سڀاڻي 13 آڪٽوبر کان ٻن ڏينهن لاءِ پنهنجون چڪيون احتجاج طور بند ڪندا ۽ بعد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊگهي ۽ لاڳيتي جدوجهد جو به اعلان ڪندا.