حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڇ ڊي اي مزدور يونين سي بي اي حيدرآباد پاران ملازمن جي پينشن، پگهارن ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو ساجد تقي، انصاف علي لاشاري ۽ ٻين چيو ته رٽائرڊ ملازمن کي گذريل 12 مهينن جي پينشن ناهي ڏني وئي جڏھن ته ريگيولر ملازمن کي 10 مهينن جي پگهار ۽ ورڪ چارج ملازمن کي 9 مهينن کان پگهار ناهي ملي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن سميت سمورا مطالبا پورا ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان بدلي ٿيل ملازمن حيدر بخش جوڻيجو، محمد بخش مشوري، شاهد مشوري، سليم لانگاھ، نظام ڀٽي، پريل سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي ته جنوري 2024ع کان زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام انتظاميا اسان ملازمن جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھن.  يونيورسٽي مان اسان کي جبري دي يونيورسٽي لاڙڪاڻي بدليون ڪري ڇڏيون آهن جنھن ڪري اسان فاقاڪشي ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون. اسان جي ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿي وئي آھي. مراد علي شاهه نوٽيس وٺي. بڪيراڻي سب ڊويزن چاڪر شاخ جي آبادگارن غير قانوني وارابندي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. رجب خاصخيلي، صابر رند، ستار سولنگي، خادم رند، گل خاصخيلي، محمد خان ۽ ٻين چيو ته بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ ڊائون مان غيرقانوني وارابندي ختم ڪئي وڃي جڏھن ته سرفراز واھ جو گيج 3 پوائنٽ 5 آھي ان جاءِ تي ان کي گهٽ ڪري 2 پوائنٽ 8 گيج ڏنو پيو وڃي جيڪي سراسر اسان سان ناانصافي آھي جڏھن ته پاڻي منڍ جي آبادگارن کي پئسن عيوض ڏنو پيو وڃي. بڪيراڻي سب ڊويزن جي آفيسرن ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آھي. ڏينهون ڏينهن پاڻي گيج گهٽ ڏنو پيو وڃي جنهن ڪري فصل سڪي رهيا آھن. هنن چيو ته بڪيراڻي ريگيوليٽر تي لڳايل غير قانوني گيٽن کي ختم ڪيو وڃي. پئسن عيوض گيٽ ھڻي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. اسان تائين پاڻي نه ٿو پهچي فصل سڪي رهيا آھن. زمينون بنجر ٿي ويون آھن. هنن مطالبو ڪيو ته وارا بندي ۽ گيٽ ختم ڪري بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.