حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران پيڪا ايڪٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو جنيد خانزادي، حامد شيخ ۽ حميدالرحمان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ وڏي انگ ۾ صحافين، فوٽوگرافرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيڪا ايڪٽ ميڊيا ۽ صحافين لاءِ ڪارو قانون آھي ھي قانون آزاد صحافت جي نڙيءَ تي لت آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته پيڪا ايڪٽ فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.